آغا محمد يعقوب

آغا محمد يعقوب: سنڌ جو مشھور بيورو ڪريٽ ۽ شاهه لطيف جو پارکو، پھرين جولاءِ 1904ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ پيدا ٿيو. ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو. سرڪاري نوڪري جو آغاز جولاءِ 1926ع کان ڪيو. پاڻ 1952ع ۾دادو، 1955ع ۾ حيدرآباد ۽ 1956ع ۾ ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. ان کانسواءِ صحت، تعليم، ايس اين جي وي جو صوبائي سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڻ 1946ع ۾ روينيو آفيسر ڪوٽڙي بئراج ۽ سال 1956ع ۾ سي او سکر بئراج پڻ رهيو. تڏهن غريب هارين کي سڏي کين زمينون ڏنائين. آغا محمد يعقوب هڪ ايماندار، ديانتدار، سنڌ دوست اديب، شاهه لطيف جو عاشق، قانون جو ڄاڻو، خوددار ۽ بھادر آفيسر هو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪو به عھدو ڪانٽريڪٽ تي قبولڻ بجاءِ سمورو وقت شاهه لطيف جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. اهو ڪم هن 1971ع کان شروع ڪيو ۽ ان کي سال 1975ع ۾ مڪمل ڪري ورتو. تنهن کانسواءِ هن قرآن شريف جو انگريزي ترجمو پڻ 1982ع ۾ مڪمل ڪري ورتو. سال 1980ع ۾ هن شاهه لطيف جي انگريزي ترجمي جي ڇپائيءَ جو ڪم مشھور اديب طارق اشرف کي ڏنو پر بعد ۾ اهو مسودو کانئس واپس ورتو. سال 1985ع ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي ٽن جلدن ۾ سندس ترجمو شايع ڪرايو ۽ سال 2004ع ۾ اهو رسالو ٻيھر شايع ٿيو. سال 2006ع،2007ع ۽ 2008ع ۾ به شاهه لطيف جي ڪلام جو اهو انگريزي ترجمو لڳاتار ڇپيو ۽ سال 2014ع ۾ ثقافت کاتي انهي ترجمي جي ٽنھي جلدن کي هڪ ئي جلد ۾ شايع ڪرايو. آغا محمد يعقوب، شاهه لطيف جي رسالي جي اٽڪل 600 ڏکين لفظن ۽ انهن جي متبادل انگريزي لفظن (ترجمي) جي لغت پڻ تيار ڪئي هئي. جنھن جو ذڪر هن مدد علي سنڌي سان ڪيو هو، جنھن وٽ هو 1980ع کان وٺي روزاني ’سنڌ نيوز‘ جي آفيس ۾ ايندو هو. هن پڇاڙي وارو وقت لطيف آباد ۾ گذاريو، اتي ئي سال 1987ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس فقط هڪ نياڻي هئي، جيڪا پڻ هن وقت حيات ڪونھي.آغا محمد يعقوب جو ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو ”Shah jo risalo alias Ganj-e-Latif“ نالي سان ۽ سندس ڪيل قرآن شريف جي انگريزي ترجمي جو نالو ”The Holy Quran Text, Translation “ (ذالڪ الڪتب لاريب في) آهي، جيڪو 5 جلدن ۾ شايع ٿيل آهي.


لفظ آغا محمد يعقوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.07.01  عيسوي

سنڌ جو مشھور بيورو ڪريٽ ۽ شاهه لطيف جو پارکو، پھرين جولاءِ 1904ع تي سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لڇمڻ سنگهه سوڍو
اثر سنڌي
عامر خان مگسي مير
صبيحه مغل ڊاڪٽر
دَل مناهيو
درازي سخي قبول محمد چوٿون
شفيع لاهوري مولانا
جهان خان ثاني
دراني آغا عطا محمد
جمال الدين افغاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون